اجهو (ڪتاب)

اجهو2 (ڪتاب ):ليکڪ هري موٽواڻي سنڌيءَ جو ناول، ’اجهو‘ ڪرائون سائيز، صفحا 176، قيمت 22 روپيا، جيڪو آگسٽ 1988ع ۾ شايع ٿيو. ڇپائيندڙ ڪونج ۽ ديپشکا پبليڪيشن بمبئي آهي، هيءُ ناول ڀارت جي ورهاڱي جي موضوع تي لکيل آهي ۽ سال وار چئن بابن: 1945، 1946، 1947 ۽ 1948 ۾ ورهايل آهي. مصنف جو پلاٽ ان خيال تي ٻڌل آهي ته (1945) تائين سنڌ ۾ هندو مسلم محبت ۾ رهندا هئا، ليڪن انگريزن جي سياسي چال سبب مذهب تي ٻڌل ورهاڱي هندن ۽ مسلمانن جي وچ ۾ نفاق جو ٻج ڇٽيو. ملڪ ۾ فسادن منهن ڪڍيو، جنهن ڪري لڏپلاڻ شروع ٿي. سنڌي هندو پنهنجي عزت ۽ سؤمان خاطر سنڌ ڇڏي هندستان ڏانهن وڃڻ لڳا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو